ٽپٽ جو مدرسو

ٽپٽ جو مدرسو: هي مدرسو تعلقي سيوهڻ ۾ ٽلٽي ۽ ڀان سعيد آباد جي وچ ۾ هوندو هو. جتي هن وقت ساڳي نالي سان هڪ ننڍو ڳوٺ آباد آهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ٽپٽ علم عرفان جو مرڪز هو. هتي هڪ قبرستان آهي، جيڪو ٽپٽ جي قبرستان جي نالي سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي قبا آهن، جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دؤر جي برک عالمن جا آهن. انهن عالمن مان مولوي ميان محمد ۽ ميان الهه بچايو پنهنجي دؤر جا جيد عالم هئا. ميرن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ انهيءَ مدرسي جي سنڌ ۾ تمام وڏي هاڪ هئي، هتي قرآن مجيد، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني ويندي هئي. ميرن جي آخري دؤر ۾ هيءُ مدرسو ويران ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو